
سڄي سنڌ جيان ميرپوربٺورو ۾ به ثقافت جا رنگ نکري پيا، هزارين ماڻهن اجرڪ، ٽوپي ۽ پٽڪا ٻڌي جهمريون پائي سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو. ريلي تلا چوڪ کان پ پ اڳواڻ حاجي پاشا شاهه شيرازي، قادر ڏنو شاهه شيرازي جي اڳواڻي ۾ ڪڍي مين بس اسٽاپ تي پهتي، جتي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين خطاب ڪيو. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ حاجي پاشا شاهه شيرازي، قادر ڏنو شاهه شيرازي، غلام علي خواجه، صوفي شاهه عنايت پريس ڪلب جي صدر ڪريم داد چانڊيو، خالد کٽي، ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ثقافت هزارين سال پراڻي آهي، جنهن جي سڃاڻپ موئن جي دڙي ۽ ڀنڀور مان ملي ٿو. هنن چيو ته اسين سنڌي ميڊيا کي جس ٿا ڏيون جنهن اسان کي گڏ ڪيو آهي. هنن سنڌي قوم کي پيغام ڏنو ته تعليم ڏياريو تعليم ۾ ئي سنڌ جي سڃاڻ آھي. ٻئي طرف دڙو ويجھو ڳوٺ رٽا سومرو مان شاندار ثقافتي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي ڪامريڊ عزيز سومرو، قيوم سومرو، محمد موسى سومرو، احسان سومرو، محبوب سومرو، ڪامريڊ شوڪت سومرو ۽ ٻين ڪئي. جنهن ۾ نوجوانن توڙي اسڪولي شاگردن سنڌي گيتن تي رقص ڪيو ويو.