نيويارڪ: سنڌ ۽ پاڪستان کانسوا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو وڏي جوش، جذبي ۽ سنڌ سان محبت جي وچن طور تي ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ آمريڪا جي ڪاروباري مرڪز ۽ اميگرينٽس شهر نيويارڪ جي دل مينهاٽن ۾ سنڌين ثقافتي ڏهاڙي تي شهر ۾ دنيا جي سياحن لا ڪشش جي مرڪز ٽائيمز اسڪوائر تي گڏجي ميلو مچايو.
سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي ٽن رياستن نيويارڪ، نيوجرسي ۽ ڪنيڪٽيڪٽ تي ٻڌل ٽرا اسٽيٽ سانا چيپٽر پاران ٽائيمز اسڪوائر تي سنڌين جو ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جتي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پاتل سنڌي هزارين آمريڪين ۽ دنيا جي ٻين ملڪن مان آيل سياحن جي توجهه جو مرڪز بڻيل رهيا.
سنڌين پنهنجي خاندان سان گڏ شرڪت ڪئي ۽ سنڌي موسيقي تي رقص ڪندا رهيا. ميلي سياحن ۽ گهمڻ لا آيل هر مرد توڙي عورت جو ڌيان ڇڪايو ۽ کين سنڌي گانن تي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. سنڌين جو اهو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آمريڪا جي معاشي مرڪز ۾ ايڏي وڏي پيماني تي ميڙ ٿيو. سانا جي مرڪزي نائب صدر آفتاب ميمڻ، سانا ٽرا اسٽيٽ جي صدر ذوالفقار خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري رمضان چانڊيو، نائب صدر شوڪت زرداري، جوائنٽ سيڪريٽري شير جوڻيجو، انفارميشن سيڪريٽري حميد چانڊيو ۽ خزانچي شهادت علي ملاح ميڙاڪي ۾ آيل سنڌين جا ٿورا مڃيا ۽ عهد ڪيو ته هر سال اڳي کان وڌيڪ ۽ وڏي پيماني تي اهڙا ثقافتي پروگرام ڪيا ويندا.