سنڌ

سنڌي ثقافت جو سفر هزارين سالن کان هلندڙ آهي:محمد علي مانجهي

گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ڪاري موري حيدرآباد ۾ يونيورسٽي پاران “سنڌ جي تاريخي ڌرتي علم، ادب ۽ ثقافت جو خزانو” جي عنوان سان ليڪچرر منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجهي چيو ته سنڌ جي ثقافت تمام گهڻي پراڻي آهي، جنهن جو تاريخي سفر هزارين سالن کان هلندڙ آهي، موهن جي دڙي کان به اڳ اها ثقافت موجود هئي، موهن جي دڙي مان سنڌ جي ثقافت جا آثار چٽا ۽ نمايان ملن ٿا، ڪنگ جي ڪلهي تي پڻ اجرڪ اوڍيل نظر اچي ٿي. هن چيو ته اسان سمورين ثقافتن ۽ ٻولين جو احترام ڪريون ٿا پر پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت سان اسان کي پيار آهي، نئين نسل کي پڻ پنهنجي ثقافت سان چاهه ڏسي خوشي ٿيندي آهي. هن چيو ته “سنڌ جي ثقافت پنهنجي ارتقا جي سفر کان پوءِ موجوده شڪل ۾ آهي، سنڌي ثقافت ۾ لوڪ ادب، لوڪ داستان، محاورا، رهڻي ڪهڻي، تاريخي جايون، کاڌا، شادي مرادي جون ريت رسمون شامل آهن ان ڪري سنڌي ثقافت انتهائي خوبصورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button