پاڪستان

سياچن ۾ پاڪستان آرمي جو هيليڪاپٽر ڪِري تباهه، ٻه ميجر شهيد

راولپنڊي: سياچن ۾ پاڪ آرمي ايوي ايشن جو هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هيليڪاپٽر ۾ سوار 2 ميجر شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب حادثي ۾ پاڪستان آرمي ايوي ايشن جا ٻه پائليٽ شهيد ٿي ويا، شهيد ٿيندڙن ۾ ميجر عرفان برچا ۽ ميجر راجا ذيشان جهانزيب شامل آهن. پاڪ فوج ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ فوجي دستا حادثي واري هنڌ تي پهچي ويا آهن. گلگت بلتستان جي صوبائي حڪومت مطابق حادثو ضلعي گانڇي ۾ پيش آيو جنهن ۾ پاڪ فوج جا ٻه پائليٽ شهيد ٿي ويا. گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته حادثي ۾ شهيد ٿيل ميجر عرفان ۽ ميجر ذيشان جي خاندان سان تعزيت ڪريون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button