اسلام آبادپاڪستان

سيالڪوٽ واقعو، حڪومت جو نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت سيالڪوٽ واقعي تي نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اپوزيشن اڳواڻن شرڪت نه ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان جي پهرين نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جو مسودو غور هيٺ آيو. وزيراعظم جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف ميمبرن کي قومي سلامتي پاليسي ڊرافٽ تي بريفنگ ڏيندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جو ڊرافٽ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ ملڪي سلامتي پاليسي جي گائيڊ لائن شامل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button