سنڌ

صحافي نواز علي رند غريبن جو آواز هو:جوهي ۾ ميڙاڪو

جوھي پريس ڪلب جوھي جي اڳوڻي صدر نواز علي رند جي پھرين ورسي سندس خاندان پاران پريس ڪلب جي اڱڻ تي ملھائي وئي، جنھن ۾ ياسر خان ٻٻر، مير تيمور خان پنھور سميت مختلف سياسي سماجي ادبي شخصيتن، ڪاڇي ۽ جوھي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڀيٽا پيش ڪئي. ورسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آ جوھي جي اڳواڻن امداد خان لغاري، امين وگھيو، ڪامريڊ ايوب لغاري چيو نواز علي رند سدائين صحافت ۾ سرگرم رهيو، هو هر ڪنهن جي مدد لا پهچي ويندو هو، صحافت سان گڏ سياسي حوالي سان به سرگرم رهيو. ايس يو پي جي اڳواڻ غلام قادر لغاري چيو ته نواز علي رند پنھنجي علائقي جي غريب مسڪين ماروئڙن جو آواز پنھنجي قلم ذريعي ايوانن تائين پھچايو. جسقم جي اڳواڻ ڪامريڊ قربان کوکر چيو ته صحافي نواز علي رند ھر وقت مشڪل ماڻھن جي ڪم اچڻ وارو ھو. سماجي اڳواڻ رشيد لغاري چيو ته نواز علي رند صحافي سان گڏ سماجي اڳواڻ به ھو، جنھن ھميشه سماجي ڀلائي وارا ڪم ڪيا. جوھي جي سينيئر صحافين وفا برهماڻي، منظور سيال، غلام رسول ٿهيم، اسماعيل قاضي، محمد وارث گاڏھي، عالم ٿھيم، اسرار جمالي، جان محمد گاڏھي، منصور گاڏھي ۽ ٻين چيو ته نواز علي رند ھميشه پريس ڪلب ۽ صحافين جي ڀلائي لا پتوڙيو. شاعر خليل عارف سومرو چيو ته صحافي نواز علي رند جوھي ۽ ڪاڇي جي ماروئڙن لا لکيو، هن ھر ڏکئي وقت ۾ غريبن ۽ مسڪين جو ساٿ ڏنو. آخر ۾ سينيئر صحافي نواز علي رند جي پٽن دستگير رند، عرفان علي رند، مرتضيٰ رند، نعيم رند سميت سندس ڀائرن ابوذر رند، سرور رند، منير رند پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button