سنڌ

لمس ۾ ڪرپشن خلاف جاڳرتا ريلي

لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو ۾ ڪرپشن جي خلاف شعور آگاهي ريلي ڪڍي وئي. شعور آگاهي واڪ جي قيادت وائيس چانسلر پروفيسر اڪرام الدين اڄڻ ڪئي، جنهن ۾ لمس جي رجسٽرار، ڊين فيڪلٽي، آفيسرن ملازمن سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آگاهي واڪ نرسنگ ڊپارٽمينٽ کان شروع ٿيندي مختلف رستن کان اڪيڊمڪ بلڊنگ جي سامھون پڄاڻي تي پهتي، آگاهي واڪ ۾ شاگردن جي هٿن ۾ مختلف بينر کنيل هئا، جن ۾ ڪرپشن جي خلاف نعرا لڳل هئا. وائيس چانسلر پروفيسر اڪرام الدين اڄڻ ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪهڙي به قسم جي ڪرپشن هڪ ناسور آهي، جنهن کي روڪڻ جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button