سنڌ

سن ڀرسان گهر تي حملو،عورت گوليون هڻي قتل

سن ويجهو هٿياربندن گهر ۾ گهڙي عورت کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. خبر موجب سن ڀرسان ٿيٻاٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام حسين گائينچو ۾ موٽرسائيڪل سوار ٽن هٿياربندن گل حسن گائنچو جي گهر ۾ گهڙي سندس ڌي 35 ورهين جي ممتاز کي ڇهه گوليون هڻي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو، گهر ۾ موجود مقتولا جي ٻارڙن عورتن ۽ گهرڀاتين ۾ رڙيون دانهون پئجي ويون، جنهن جو آواز ٻڌي آسپاس جا ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا، جن ٿيٻاٺ پوليس کي اطلاع ڏنو، اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او ٿيٻاٺ ڪريم بخش کوکر پوليس اهلڪار ساڻ واقعي واري هنڌ پهچي قتل ٿيل عورت جي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سيوهڻ اسپتال پهچايو، جڏهن ته پوليس جي پهچڻ کان اڳ هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ايس ايڇ او ٿيٻاٺ ڪريم بخش کوکر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سڱاوتي تڪرار تان گائينچا برادري جي ماڻهن عورت ممتاز کي قتل ڪيو آهي، هٿياربند فرار ٿي ويا آهن انهن جي گرفتاري لا ڪاروايون جاري آهن جڏهن ته ممتاز جي مڙس منظور حسين گائنچي جو چوڻ آهي ته منهنجي زال کي جنيد گائنچو ۽ حنيف گائنچو سميت ٽن ڄڻن گھر ۾ گھڙي قتل ڪيو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button