پاڪستانسنڌ

آبپاشي وزير ڊگهڙي پهتو، ايل بي او ڊي نالن جا دورا

ڊگھڙي: ڊگهڙي ۽ جهڏو تعلقن ۾ ايل بي او ڊي ٻوڏ جي تباھڪارين ۽ پاڻي کوٽ بابت پ پ ايم پي اي پارلياماني سيڪريٽري مير طارق علي خان ٽالپر آبپاشي وزير ڄام خان شورو سان ملاقات ڪري مسئلن بابت آگاھي ڏني هئي، جنهن تي آبپاشي کاتي جو وزير ڄام خان شورو ڊگهڙي ٽالپر هائوس تي پهتو، جنهن بعد کيس ايم پي اي مير طارق علي خان ٽالپر ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد، جهڏو ۽ نئون ڪوٽ شھر ۽ آسپاس جي ننڍن وڏن ڳوٺن کان گذرندڙ ايل بي او ڊي نالن جو دورو ڪرايو ۽ آگاهي ڏيندي چيو ته ڪجھه ايل بي او ڊيز نامڪمل آهن، ڪيترن ئي هنڌن تي بند ڪمزور ۽ پاڻي جي گذر جي گنجائش گهٽ ھجڻ سان گڏ صفائي نه ٿيڻ ڪري ماضي ۾ تعلقن ۾ وڏي تباهي آئي آهي. شهر، ڳوٺ ۽ فصل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا، ان سان گڏ پاڻي جي کوٽ جو پڻ اهم مسئلو حل ڪيو وڃي. ڄام خان شورو جو چوڻ هو ته علائقي جو سمورو جائزو ورتو آهي، مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button