پاڪستانپنجاب

فيصل آباد ۾ چئن عورتن تي وحشياڻو تشدد، بي لباس ڪري وڊيوز ڀريون ويون

فيصل آباد: فيصل آباد جي علائقي ملت ٽائون ۾ چوري جو الزام هڻي پَنا ميڙيندڙ چئن عورتن تي تشدد ڪيو ويو ۽ سندن ڪپڙا لاهي وڊيوز به ٺاهيون ويون. پوليس ترجمان موجب متاثر عورتن طرفان پوليس کي ڏنل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اهي 4 ڄڻيون ملت ٽائون جي علائقي ۾ پَنا ميڙي رهيون هيون ۽ پاڻي پيئڻ لاءِ هڪ اسٽور ۾ داخل ٿيون. پوليس موجب عورتن ٻڌايو ته اليڪٽرڪ اسٽور جي مالڪ صدام ۽ ٽن ملازمن کين چوري تي الزام ۾ گهيري ورتو ۽ تشدد جو نشانو بڻائيندا رهيا. ان دوران ٻيا ماڻهو به اچي ويا، ٻن عورتن کي زبردستي اندر گهليو ويو جتي تشدد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ کين بي لباس ڪري وڊيوز ٺاهيون ويون. جڏهن ته متاثر عورتن جي مدد لا وڌيڪ 2 عورتون پهتيون جن احتجاج دوران بازار ۾ ئي پاڻ کي بي لباس ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button