سنڌ

تحريڪ انصاف جا نئين بلدياتي نظام خلاف مظاهرا،ڌرڻا

پاڪستان تحريڪ انصاف نئين بلدياتي نظام خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون. ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ سيد ڪليم جعفري ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ڪوٽڙي ۾ پير زمان شاهه جيلاني هائوس تان المدينه چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. ٺٽو ۾ ارسلان خان بروهي، هوش محمد عباسي ۽ ٻين ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. گهارو ۾ مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجن کي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ خطاب ڪندي چيو ته پ پ پهرين ٻٽو بلدياتي نظام آندو، هاڻ وري هنن مجرماڻو ۽ سرداراڻو نظام چور دروازي کان آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سنڌ جي حڪمرانن سوچيو ته ڪنهن کي خبر نه پوندي ۽ اسان ڪارروائي ڪري وينداسين. هن چيو ته بل آڻڻ جو طريقو اهو هوندو آهي ته پهرين ڪميٽي ۾ موڪلي وري پارليامينٽ ۾ بحث ڪرائبو آهي ۽ اجلاس جو ايجنڊا پيش ڪبو آهي، هي اوچتو بل کڻي آيا ۽ پاس ڪرائي ڇڏيو. هن چيو ته اڄ آئون چوان ٿو ته ڊڪٽيٽرن جو نظام بهتر هو، زرداري کي ون ونڊو آپريشن گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button