سنڌ

قمبر ۾ درزي يونين جي اڳواڻ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

قمبر ۾ درزي ايسوسيئيشن پاران قمبر پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي قلندر بخش ناگراج، نادر حسين ۽ شاهد حسين دانهيندي چيو ته قمبر پوليس اسان جي درزي يونين اڳواڻ قمر الدين مڱريو کي بنا جواز کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن گرفتاري ظاهر نه ڪندي سندس وارثن کان ڳري رشوت طلب ڪري رهي آهي. هنن ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ ۽ ڊي آ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته قمبر پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل پورهيت قمر الدين مڱريو کي آزاد ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button