سنڌ

ٽنڊو ڄام ڀرسان ڪنر شاخ کي 20 فوٽ گهارو،فصل پاڻي هيٺ

ٽنڊوڄام ڀرسان ڪنر شاخ کي 20 فوٽ گهارو پئجي ويو، ڪيترائي ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ اچي ويو. خبر موجب ٽنڊوڄام لڳ ڪنر شاخ کي 20 فوٽن کان وڌيڪ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب زميندارن حاجي علي نواز ڏاهري، سيد حيدر شاهه ۽ ٻين جي زرعي فصلن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، مسلسل 8 ڪلاڪن تائين پاڻي فصلن ۾ هلڻ سبب ڪڻڪ، ڪمند ۽ ليمن جو باغ پاڻي هيٺ اچي ويا. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب رات جو دير سان لڳل گهاري جي صبح سوير خبر پوڻ ڪري ڪيتري دير تائين پاڻي فصلن کي ٻوڙيندو رهيو، ويتر آبپاشي عملو به ڪيتري دير تائين نه پهچڻ ڪري علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت لڳل گهاري کي بند ڪيو، صحافين سان ڳالهائيندي حاجي علي نواز ڏاهري ٻڌايو ته گهاري سبب لکين روپين جي خساري جو انديشو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button