سنڌ

نصيرآباد ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهري اتحاد جي احتجاجي ريلي

نصير آباد ۾ شهري اتحاد جي سڏ تي نوناري محلي کان اتحاد جي صدر ڪامريڊ سينگار نوناري جي اڳواڻي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ريلي مين بازار کان ٿيندي فاضل راھو چوڪ، ڪپڙي بازار، مرچ بازار کان ٿيندي پريس ڪلب پهچي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي سينگار نوناري چيو ته ياسين ڪانڌڙو، نور ابڙو ۽ يوسف شيخ کان ڦر ٿيل رقم، شهرين جون چورايل موٽر سائيڪلون ۽ چوري ٿيل سامان اڃان تائين واپس ناھي ڪرايو ويو، پوليس رڳو خالي آسرا ڏئي رھي آھي. سڄو شھر بدامني جي ور چڙهي ويو آهي، ھتي ھٿ وٺي ڏوهه ڪرايا ٿا وڃن، پوليس جي سرپرستي ۾ شھر اندر بشني ڇڏيا ويا آهن، جيڪي شھرين جا کيسا ڪٽي پئسا ڪڍي ٿا وڃن. جيستائين بدامني جو خاتمو نه ٿيندو، تيستائين اسان جي احتجاجي تحريڪ جاري رھندي. هن چيو ته سوين شھري گڏ ٿي اڄ ٻڌي ۽ ايڪي جو ثبوت ڏين ٿا ته شھري اتحاد سان گڏ آھن ۽ گھر ٿا ڪن ته فوري طور ڪرپٽ آفيسر ھٽائي شھرين کان ڦر ٿيل روڪ رقم، موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو سامان واپس ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button