سنڌ

ڪڍڻ ڀرسان گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان زال ڪهاڙيون هڻي قتل

ڪڍڻ ڀرسان ديھه اڇ جي ڳوٺ ڦل ريٻاري ۾ گھرو اڻبڻت تان مڙس پنھنجي زال کي ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ڪڍڻ ڀرسان ديھه اڇ ۾ گھرو اڻبڻت تان مڙس ميھار ريٻاري پنھنجي نوجوان 20 سالن جي زال ڪرشنا ڪماري کي ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي ڪڍڻ پوليس جا واردات تي پھچي لاش صحت مرڪز ڪڍڻ پھچايو، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف جوابدار پاڻمرادو ڪڍڻ ٿاڻي تي پھچي گرفتاري پيش ڪئي، جڏهن ته پوليس گرفتاري ظاھر نه ڪئي ۽ نه ئي ڪيس داخل ڪيو. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ قربان ملاح چيو مقتولا جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، آهي، جيئن ئي وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button