سنڌ

باقراڻي ويجهو خوني تڪرار جو جرڳو، 50 لک رپيا ڏنڊ

باقراڻي ويجهو تنيا ۽ جتوئي برادري جي خوني تڪرار جو جرڳو ڪري نبيرو ڪيو ويو. باقراڻي تعلقي جي ڪچي جي ڳوٺ نئون آباد جي جتوئي برادري جي ڌر محمد بخش عرف پنجابي جتوئي ۽ تنيا برادري جي فقير محمد تنيو جي ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان 2018ع ۾ قتل ٿيل نوجوان سليم تنيو جو فيصلو انڙ هائوس علي آباد ۾ عدنان الطاف انڙ، درگاهه سيد سچل شاهه بخاري جي گادي نشين سيد زاهد حسين شاهه، الطاف حسين تنيو، برڪت خان ابڙو جي سرپئنچي هيٺ نبيرو ٿيو. جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي چڱن مڙسن حاجي ماڇي خان جتوئي، رئيس مظفر چانڊيو، ممتاز علي تنيو، عبدالستار تنيو، نيڪ محمد تنيو سميت برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي. جتوئي ڌر مٿان تنين جي قتل ٿيل نوجوان سليم تنيو جو خون ثابت ٿيڻ تي جتوئي ڌر مٿان 50 لک ڏنڊ لڳايو ويو ۽ جتوئي ڌر جي زخمي ٿيل پرويز عرف پرو جتوئي جا 10 لک ۽ 5 لک جتوئين پاران جهولي جا سردار الطاف حسين تنيو پاران جتوئين کي معاف ڪيا ويا. جڏهن ته بقايا 35 لک جتوئي ڌر تنيا ڌر کي ادا ڪندي، اھڙي فتوى بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. ٻنهي ڌرين جي ٺاهه بعد علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button