لاڙڪاڻي ۾ وارهه واسي مبينا پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل نوجوان فهد حسين عرف وقار چانڊيو جي آزادي لاءِ وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ايڪسائيز کاتي جي ڪلارڪ مظهر چانڊيو مائٽ عبدالرحمٰن سان گڏجي دانهيندي چيو ته 28 نومبر تي نوجوان پٽ فهد حسين عرف وقار چانڊيو کي وارهه پوليس موٽرسائيڪل سميت کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي هن وقت تائين پوليس ظاهر نه پئي ڪري، وارهه ٿاڻي تي پٽ جي موٽرسائيڪل بيٺل آهي پر ان باوجود پوليس ڪجهھ ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته منهنجو پٽ فهد شاگرد آهي، جنهن تازو انٽر پاس ڪئي آهي، هن جو ڪنهن سياسي تنظيم يا گروپ سان واسطو ناهي ۽ نه ئي ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث آهي. هن مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل پٽ کي آزاد ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close