سنڌ

خيرپور ۾ سيپڪو ملازمن جو جبري رٽائرڊ ڪرڻ خلاف مظاهرو

خيرپور (ن، سنڌ ايڪسپريس) خيرپور جي سيپڪو ملازمن ھڪ ميٽر ريڊر کي جبري رٽائرڊ ڪرڻ ۽ ٻئي کي بدلي ڪرڻ خلاف آفيس جي تالا بندي ڪري ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي مظاهرو ڪيو، احتجاج جي اڳواڻي ريجنل وائيس چيئرمين سيد شاھد علي شاهه، شجاع گھمرو، فيروز علي ابڙو، مير ڌڻي بخش سولنگي، مقصود ملاح ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سيپڪو جي ايڊيشنل چيف منظور حسين سومرو بنا جواز لقمان سب ڊويزن جي ميٽر ريڊر انور علي اڄڻ کي جبري رٽائرڊ ڪري ڇڏيو آهي. خيرپور سب ڊويزن جي ميٽر ريڊر محمد حيات کي اوٻاوڙو بدلي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا زيادتي آهي. پورھيتن سان ظلم خلاف اسان ھر موڙ تي آواز بلند ڪنداسين. زيادتين جو ازالو نه ڪيو ويو ته احتجاجن سڄي شھر جي بجلي بند ڪنداسين، جنهن جي ذميواري ايڊيشنل چيف مٿان ھوندي. احتجاج ۾ سکر، راڻيپور، پريالو سميت خيرپور، لقمان سب ڊويزن جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button