سنڌغير درجه بندي

واپڊا جي نجڪاري ۽ ملازمن جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف مظاهرا ۽ ريليون

حيدرآباد (نمائندن وٽان) آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين جي سڏ تي واپڊا جي نجڪاري ۽ ملازمن جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ عبداللطيف نظاماڻي، اقبال خان، حنيف خان، نوابشاهه ۾ انور حسين چانڊيو، علي اصغر خاصخيلي، مير محمد لکمير، سرفراز ميمڻ، ملڪ امتياز، سرور لاشاري، پير جو ڳوٺ ۾ حبيب الله سولنگي، عبدالمجيد سولنگي، هدايت الله جوڻيجو، دادو ۾ محمد وريل ميراڻي، عبدالحميد جمالي، الطاف پلهه، زاهد لنڊ، غلام مرتضيٰ لنڊ، سيد محمد امين شاهه، سکر ۾ سيپڪو عملي آفيسن جي تالا بند ڪري مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، جنهن جي اڳواڻي سيد زاهد حسين شاهه، شجاع علي گھمرو، عبدالرئوف دايو، نظر ميمڻ، عقيل دايو، لاڙڪاڻو ۾ نثار احمد شيخ، عبدالله سومرو، نظام ٻگهيو، محمود پٺاڻ، رياض سانگي، مصطفي چانڊيو، وارهه سب ڊويزن ۾ ببرڪ تنيو، علي اڪبر چن، منصور ٿيٻو، خدا بخش منگي، نظير شيخ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ميرپورخاص ۾ محمد يوسف سومرو، شاهد علي ڪاظمي، سڪندر علي مهر، ملڪ عبدالڪريم اقبال لوڌي ۽ ٻين ريلي ڪڍي. مٺي ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪري مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي غلام رسول راهمون، نرمل ميگھواڙ، ڪانتيش ڪمار، سوائي درزي ڪئي. سامارو ۾ محمد صالح چانڊيو، نويد قائمخاني، حق نواز خاصخيلي، ارشاد قريشي ۽ ٻين ريلي ڪڍي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت بجلي فراهم ڪندڙ پيسڪو، پيپڪو، ڪيسڪو ۽ گڊو پاور هائوس جهڙن منافعو ڏيندڙ ادارن کي خانگائڻ چاهي ٿي. هنن چيو ته وفاقي حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري جي سونامي اچي وئي آھي، مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب ماڻھو خودڪشيون ڪري رهيا آھن. هنن چيو ته واپڊا ۾ هزارين جاين تي نوڪرين جون جايون خالي پيل آھن، جيڪي جايون ڀرڻ بدران ادارن جي نجڪاري ملڪ سان دشمني برابر آهي. هنن مطالبو ڪيو ته قومي ادارن کي خانگائڻ جو منصوبو رد ڪري وفاقي ملازمن جي پينشن ۽ پگهار ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button