سنڌ

ڪراچي ۾ هڪ هفتي ۾ ڊينگي جا 3 مريض لاڏاڻو ڪري ويا

ڪراچي ۾ هڪ هفتي ۾ ڊينگي وگهي 3 ماڻهو لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ڪراچي ۾ هر سال سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ڊينگي ڪيسن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هلندڙ مهيني جي 20 ڏينهن ۾ ڊينگي جا 77 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، گذريل هڪ هفتي ۾ ڊينگي 3 حياتيون به کسي ورتيون آهن.

ماهرن موجب ڊينگي جي پکيڙ جي ڏينهن ۾ ڪنهن به بخار جو پاڻمرادو علاج ڪرڻ نقصان ڏيندڙ ٿي سگهي ٿو، ڇو ته ڊينگي بخار ۾ اينٽي بايوٽڪ تيزي سان مريض جي حالت خراب ڪري سگهي ٿي. ڊاڪٽرز مطابق ڊينگي جي علامتن کي سولائي سان سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿو، جسم ۾ گهڻو سور محسوس ٿئي ٿو ۽ بخار به وڌيڪ هوندو آهي، جسم تي نشان پئجي وڃن ٿا.

سنڌ جي صحت کاتي مطابق ڊينگي سڀ کان وڌيڪ ڪراچي جي سينٽرل ضلعي ۾ پکڙجي رهيو آهي. ناظم آباد نمبر 3 ۽ 4، عزيزآباد، سمن آباد ۽ بفرزون ڊينگي جا هاٽ اسپاٽ ايرياز آهن. اهو به ٻڌايو ويو ته ڊينگي بخار جا وڌيڪ مريض پنجاب مان اچي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button