سنڌ

سچل ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايڇ او ڊرائيور سميت گرفتار

ڪراچي جي علائقي سعدي ٽائون مان سچل ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او هارون ڪورائي کي ڊرائيور سميت تحويل ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. هارون ڪورائي کي خانگي ٽارچرسيل هلائڻ تي ڪجهه ڏينهن اڳ معطل ڪيو ويو هو

اربع جي صبح سچل جي علائقي سعدي ٽائون ۾ پوليس ۽ حساس ادارن گڏيل ڪارروائي دوران اڳوڻي ايس ايڇ او هارون ڪورائي کي ڊرائيور سميت تحويل ۾ ورتو آهي. ڇاپي دوران 3 پوليس موبائيل ۽ پرائيويٽ گاڏين ۾ سول ڪپڙا پهريل ماڻهو موجود سول ڪپڙا پهريل ماڻهو هارون ڪورائي کي منهن تي ڪپڙو وجهي ڊرائيور اختر سميت کڻي ويا، سندس پٽ عامر الزام مڙهيو ته والد کي ڊرائيور سميت اغوا ڪيو ويو آهي،

پوليس ذريعن مطابق سچل جي علائقي ۾ پرائيويٽ ٽارچر سيل هلائڻ تي پوليس جي اعليٰ آفيسرن هارون ڪورائي کي ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او سچل جي عهدي تان معطل ڪري ڇڏيو هو. هارون ڪورائي تي ڪرپشن ۽ ڏوهارين ماڻهن سان لاڳاپن تي انڪوائري به ڪئي وئي هئي. علائقي جي پوليس مطابق ڇاپي جي حوالي سان ڪنهن به اداري ٿاڻي سان رابطو ناهي ڪيو علائقي جي پوليس ون فائيو جي انٽري تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button