سنڌ

سڳيون ڀرسان ٻن ڀائرن تي تشدد،هڪ کي ڪپڙن کان آجو ڪري تذليل

سڳيون (ن، سنڌ ايڪسپريس) سڳيون ڀرسان ڳوٺ محمد حسن قريشي ۾ اٽي جي چڪي تي ستل ٻن نوجوان ڀائرن برڪت علي ۽ شفقت حسين پٽ امداد حسين قريشي کي 6 هٿياربندن يرغمال بڻائي مارڪٽ ڪئي، جنهن کان بعد کين کنڀي کڻي وڃي هڪ نوجوان برڪت علي کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد بعد تذليل ڪري فرار ٿي ويا. اهڙي اطلاع تي سوين ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا، جڏهن ته سڳيون ۽ سوڀوديرو پوليس پهچي متاثر نوجوانن جي وارثن کان تفصيل ورتا ۽ کوجي ڪتن ذريعي پيرا کنيا، جيڪي ڀر واري ڳوٺ ۾ اوطاق تي لڳا، جتان پوليس اوطاق جي مالڪ ڪريم بخش جانوري کي گرفتار ڪري ورتو. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button