سنڌ

گلشن ماڊل ٽائون ۽ ذوالفقار شاهه ٽائون جي متاثرن نٽهڻ اس ۾ احتجاج ڪيو

نوابشاهه (ن، سنڌ ايڪسپريس) نوابشاهه جي ٻن رھائشي اسڪيمن گلشن ماڊل ٽائون، ۽ ذوالفقار شاهه ٽائون ۾ پلاٽ وٺندڙن رجسٽريون نه ملڻ خلاف معصوم ٻارن سميت نٽھڻ اس ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب ٻاهران ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي پورھيت سڪندر کوسي چيو ته مان مزدوري ڪري لکين روپيا ادا ڪيا پر مونکي جيڪو پلاٽ ڏنو ويو اهو نقشي ۾ موجود ناھي، مان جڏهن حسنين اسٽيٽ ايجنسي تي حق وٺڻ وڃان ٿو ته مونکي بلڊر حسنين خواجه سندس ھٿياربند ابراھيم ڀنگوار ۽ جناح ڀنگوار ھٿيار تاڻي قتل جون ڌمڪيون ڏين ٿا. متاثرن حسن علي چانڊيو، سرفراز جٽ، تاج محمد چانڊيو، ايم آر ڊي جي ايسر لياقت چانڊيو، پھلوان رند ۽ ٻين چيو ته بي حسي جي انتها آهي، ڪيترن ڏينهن کان اسان مسڪين ماڻهو احتجاج ڪيون پيا پر ضلعي انتظاميه واھر نه ڪئي آهي. پلاٽن جون رجسٽريون نٿيون ڪري ڏنيون وڃن. ان موقعي تي متاثرن 27 سيپٽمبر سومر ڏهاڙي پريس ڪلب سامھون پاڻ تي پيٽرول هاري پاڻ ساڙڻ جو چتا ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button