سنڌ

سول ايويئيشن طرفان پي آءِ اي جي ايئرپورٽ سروسز روڪڻ جو فيصلو

سول ايويئيشن اٿارٽي ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز ۾ رهتن جي ادائيگي جو تڪرار وڌي ويو. سي اي اي ادائيگي نه ڪرڻ تي پي آءِ اي جي ايئرپورٽ سروسز روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سي اي اي جي اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلي مطابق پي آءِ اي کي پهرين نومبر کان مسافرن کي جهاز ۾ سوار ڪرڻ لاءِ بريج نه ڏنا ويندا. پي آءِ اي جهاز لاءِ پاور سپلاءِ به سي اي اي کان حاصل نه ڪري سگهندي. سي اي اي ڊائريڪتر فنانس نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن مطابق، پي آءِ اي ڏانهن سي اي اي جون 127 ارب رپيا رهتون آهن. سي اي اي پي آءِ اي تي مسافرن کان ايئرپورٽ چارجز پاڻ وصول ڪرڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي، هاڻي سول ايويئيشن اٿارٽي مسافرن کان پاڻ ايئرپورٽ چارجز وصول ڪندي. سي اي اي کي پي آءِ اي طرفان هلندڙ سال مئي کان رهيل رقم جي مد ۾ هر مهيني 25 ڪروڙ رپيا ادا ڪرڻا هئا، پر ايئر لائينز اڃا تائين رڳو 55 ڪروڙ رپيا ئي ادا ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button