سنڌ

راضيديرو ڀرسان زمين جي تڪرار تان پيرسن گوليون هڻي قتل

راضيديرو/اڳڙا (نمائندن وٽان) راضيديرو ڀرسان ڳوٺ ٽيپاڻي بهليم ۾ زمين جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو. تفصيل موجب راضيديرو ڀرسان ڪچي جي علائقي ٽيپاڻي بهليم ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار تيز ٿي ويو. هٿياربندن جي حملي ۾ هڪ ڌر جو 65 سالن جو پيرسن عبدالرحٰمن عرف عدر بهليم سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جو سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن جو لاش گمبٽ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏھن ته جهيڙي تي ڪنٽرول ڪرائڻ لاءِ ٽيپاڻي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي. جڏهن ته ڌرين ۾ هڪٻئي تي مٿان فائرنگ شروع ٿي وئي، جنهنڪري علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ فائرنگ ۾ 2 ڄڻا حبدار بهليم ۽ ممتاز بهليم گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا هئا، جيڪي اسپتال ۾ داخل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button