سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ايل ڊي اي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ ايل ڊي اي ملازمن 18 مهينن جون رهيل پگهارون نه ملڻ خلاف جناح باغ چوڪ وٽ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي ملازمن عرفان شيخ، صدام شاهه، اسرار قريشي، سلطان منگي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل 18 مهينن کان ايل ڊي اي 270 کان وڌيڪ ملازمن کي بجيٽ هجڻ باوجود پگهارون نه پيو ڏنيون وڃن، جنهن سبب اسان جا گهرڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، گذريل عيد تي اسان کي صرف ٽن مهينن جون پگهارون جاري ڪيون ويون، هن وقت به 11 ڪروڙ 40 لک بجيٽ موجود آهي پر پگهارون روڪيون ويون آهن. هنن چيو ته ايل ڊي اي ملازمن کي ٻين ادارن ۾ ضم ڪرڻ جي سمري منظور ڪئي وئي آهي پر اڃان تائين ضم ناهي ڪيو ويو. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي رهيل پگهارون ڏياري ڪنهن اداري ۾ ضم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button