سنڌ

لاڙڪاڻي واسي پورهيت جو پوليس اهلڪار جي ڏاڍ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي مينهل آباد واسي نوجوان پورهيت بااثر پوليس اهلڪار جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. پورهيت نوجوان ڪاشف علي چنا دانهيندي الزام لڳايو ته ٻه سال اڳ ڳيريلو ويجهو پنهنجي ڳوٺ قادر بخش ڀٽو عرف پلي مان لڏي لاڙڪاڻي جي مينهل آباد پاڙي ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي ڪرياني جو دڪان هلائيندو آهيان، ڳوٺ واري جڳھه پنهنجي مائٽ رسول بخش چنو کي وڪرو ڪري ڏني هئي، جنهن جي رقم هن 15 ڏينهن اڳ ادا ڪئي آهي، جنهن بعد سندس پوليس اهلڪار مائٽ تراب علي چنو موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جنهن مان مون سميت گهرڀاتين کي خطرو آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڳيريلو ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ اهلڪار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button