غير درجه بندي

لاڙڪاڻي واسي پورهيت جو معصوم ٻارڙن سميت واهر جي اپيل

لاڙڪاڻي جي بهرام ڪالوني واسي پورهيت معصوم ٻارن سان گڏجي مالي مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. پورهيت عرض محمد لهر دانهيندي چيو ته مان بيڪري تي پورهيو ڪري 5 گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو هيس پر ٻه هفتا اڳ بيڪري مالڪ دڪان ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد ٺيڪيدار مزدوري کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري بيروزگار ٿي ويو آهيان، ٽن ٻارن سميت 5 گهرڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، گذريل 12 ڏينهن کان گهر ۾ اٽي جي لپ ناهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته مون مسڪين جي مالي مدد ڪري روزگار جو بندوبست ڪيو وڃي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button