سنڌ

کڏڙو ۾ ڪرونا ويڪسين نه ڪرائڻ تي 5 ڄڻا گرفتار، هزارين رپيا ڏنڊ

اسسٽنٽ ڪمشنر سنجهورو عبدالڪريم سنگراسي کڏڙو جي مين سانگهڙ نواب شاھه روڊ تي هلندڙ مختلف گاڏين کي روڪي ڪرونا ويڪسين بابت پڇاڳاڇا ڪئي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سنجهورو مسافرن ۽ ڊرائيورن کان ڪرونا ويڪسين ۽ ڪارڊ بابت پڇاڳاڇا ڪئي، جنهن تان مسافرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول پڻ پيدا ٿي ويو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالڪريم سنگراسي ڪرونا ويڪسين نه ڪرائڻ جي الزام هيٺ 5 ڄڻن سعيد احمد شاھه، علي خان، محمد ايمان، عبدالرزاق ۽ وحيد کي کڏڙو پوليس هٿان گرفتار ڪرائي ورتو. جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻھن تي ڪرونا ويڪسين نه ڪرائڻ تي هزارين رپيا ڏنڊ به وصول ڪيو. ان موقعي تي عبدالڪريم سنگراسي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي هدايتن تي ڪرونا ويڪسين نه ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري 5 ڄڻن کي گرفتار ڪرايو ۽ ڏنڊ پڻ وصول ڪيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button