غير درجه بندي

نواز شريف جي سڃاڻپ ڪارڊ تي جعلي ويڪسين ڪرائڻ جو انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي شناختي ڪارڊ تي جعلي ڪرونا ويڪسين لڳائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب نواز شريف جي نالي تي جعلي ڪرونا ويڪسين لڳائڻ جي رپورٽ به سامهون آئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نواز شريف کي ڪرونا ويڪسين لڳائڻ جي ڊيٽا انٽري ڪئي وئي. ذريعن ٻڌايو آهي ته نواز شريف جي شناختي ڪارڊ تي جعلي ڪورونا ويڪسين ڪوٽ خواجا سعيد اسپتال ۾ لڳائي وئي، نواز شريف جي ويڪسين جي انٽري نويد الطاف نالي ويڪسينيٽر ڪئي. دستاويزن موجب نواز شريف کي ويڪسين جو پهريون ڊوز اربع ڏينهن شام 4 وڳي 4 منٽن تي لڳائي وئي. ذريعن چيو آهي ته نواز شريف کي سائنو ويڪ جي ٻي خوراڪ جي لاءِ 20 آڪٽوبر تي گهرايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button