سنڌغير درجه بندي

لاڙڪاڻي واسي نوجوان جو ڊرينيج نالو درست نه ٺاهڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي ڳوٺ غلام ڀٽو واسي نوجوان علائقي ۾ ڊرينيج جو هلندڙ ڪم درست نموني نه ٿيڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نوجوان ضمير حسين ڀٽو دانهيندي چيو ته علائقي ۾ ڊرينيج جو ڪم هلندڙ آهي، جيڪو ٺيڪيدار درست نه پيو ڪرائي، جڏهن ته اڳ وڏو نالو ٺهيل هو، جنهن جاءِ تي هاڻي نالي ٺاهي پئي وڃي، جنهن سان ڪو فائدو نه ٿيندو، ويتر نقصان ٿيندو، ان کان علاوه اسان جي گهرواري نالي پڻ اندران جاءِ مان نٿا کڻن، پر ٻاهران کڻي رهيا آهن، اهڙي شڪايت ٺيڪيدار سان ڪئي پر هن ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ٺيڪيدار کان پڇاڻو ڪري هلندڙ ڪم کي ڳوٺ وارن جي چوڻ مطابق درست نموني سان ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button