سنڌ

شهيد ڀٽو ناقابل فراموش شخصيت ۽ تاريخ بڻجي چڪو آهي:بلاول

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو پنهنجي ناني شهيد ذوالفقار ڀٽو جي 94 هين سالگرهه تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ ناقابل فراموش شخصيت ۽ تاريخ بڻجي چڪو آهي. جڏهن ته جيئي ڀٽو جو نعرو اهو آئينو آهي جنهن کان هر آمرانه ۽ عوام دشمن سوچ ۽ فرد منهن ڏيڻ کان ڪيٻائي رهيو آهي. قائد عوام پهريون عوامي ليڊر هو جنهن طاقت جو سرچشمو عوام کي قرار ڏنو، هن هڪ اهڙي جمهوري دوست پارٽي جو بنياد رکيو جنهن ملڪ جي عوام جي حقن ۽ مفادن جي محافظ، ترقي پسند سوچ ۽ فڪر جي علمبردار ۽ نمائنده جماعت بڻي. هن چيو ته شهيد ڀٽو ملڪ جي مظلوم، پٺتي پيل ۽ محروم عوام لا همت ۽ حوصلو هو. بلاول ڀٽو چيو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو ملڪ کي پهريون متفقه آئين ڏنو ۽ ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ لا جوهري پروگرام جو آغاز ڪيو ۽ ملڪي معيشت ۽ صنعت کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو صحيح طريقو اهو آهي ته اسان هن جي ڏنل قربانين ۽ نظريي کي ياد ڪري ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي، سلامتي ۽ روشن مستقبل لا گڏجي اڳتي وک وڌايون، شهيد ڀٽو جي ڏنل 1973 جي متفقه آئين جي حفاظت ڪيون، جيڪا اسان جي قومي هم آهنگي ۽ اتحاد جي سڀ کان وڏي ضمانت آهي ۽ ملڪ کي هڪ وفاقي جمهوري ملڪ ۽ عظيم ترين رياست بڻائڻ لا جدوجهد جاري رکون. شهيد ڀٽو پنهنجي پارٽي جو بنياد ئي ڪشمير جي مسئلي تي رکيو هو. بلاول چيو ته مونکي يقين آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن ڪشميري ڀائرن کي پنهنجي آزادي ۽ زمين واپس ملي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button