سنڌ

ڪراچي مان 5 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

ڪراچي جي علائقي ڪورنگي مان پنج مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل ڳيريلي واسي پورهيت نوجوان شبير بليدي جي آزادي لا سندس وارثن عبدالوحيد بليدي، غلام مصطفي بليدي، عابد علي بليدي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته جيڪڏهن شبير مٿان ڪو ڪيس وغيره آهي ته کيس قانون موجب عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي جنهن کي هو منهن ڏيندو، هنن چيو ته شبير کي کنڀي گم ڪرڻ بعد سندس وڇوڙي ۾ امڙ جا روئي روئي حال هيڻا ٿي ويا آهن ۽ سخت بيمار آهي. هن تي رحم کائي سندس پٽ کي آزاد ڪيو وڃي. هنن سپريم ڪورٽ ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شبير بليدي کي آزاد ڪرائي انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button