اسلام آبادپاڪستان

ٻيلن ۽ پارڪن جو تحفظ ڪرڻو آهي،گارڊ رکيا ويندا:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايندڙ نسلن لا اسان کي پنهنجو ماحول کي بچائڻو آهي. دنيا ۾ موسمياتي تبديلين کي اثرن کي منهن ڏيڻ جو احساس ٿي رهيو آهي. حڪومت ٻيلا لڳائڻ جي مهم شروع ڪئي ۽ 15 نيشنل پارڪس ڊڪليئر ڪيا. ڪالهه ورلڊ بئنڪ ۽ موسمياتي تبديلن بابت وزارت وچ ۾ ٿيل معاهدي جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيا آهن. اسان کي گلوبل وارمنگ کي روڪڻو آهي. دنيا احتياط نه ڪيو ته خوراڪ جي کوٽ به وڌي ويندي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي. 10 ارب ٻوٽا لڳائڻ اسان جو وڏو منصوبو آهي. ٽيڪنالاجي ۽ ڊرونز ذريعي مانيٽرنگ ڪري رهيا آهيون. ٻيلن ۽ پارڪن جو تحفظ ڪرڻو آهي ۽ ان لا گارڊز به رکيا ويندا. شهرن لا پلان جوڙيون پيا، شهرن کي هڪ حد تائين رکڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button