سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ايل ڊي اي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ ايل ڊي اي جي ملازمن 24 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف لاهوري محلي ريگيوليٽر وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن ممتاز لغاري، عاشق مغيري، اختر سنديلو، مسعود ابڙو، شفيق اوڍو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل 24 مهينن کان اسان جون پگهارون بنا جواز بند ڪيون ويون آهن، جنهن خلاف جناح باغ چوڪ تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي هئي پر افسوس جو ڪجھه ڏينهن اڳ رات جي اونداهي ۾ ڪئمپ چوري ڪئي وئي، جنهن جي اين سي مارڪيٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ بعد به هن وقت تائين ڪئمپ واپس ناهي ملي سگهي. هنن مطالبو ڪيو ته ايل ڊي اي کي مڪمل طور تي فعال ڪري پگهارون ٽريزري ذريعي آن لائين ڪرڻ سان گڏ رهيل 24 مهينن جون پگهارون جلد جاري ڪري فاقاڪشي کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button