سنڌ

ميرو خان ويجهو پبلڪ هيلٿ کاتي جو ملازم فائرنگ ۾ قتل

ميرو خان ويجهو پبلڪ هيلٿ کاتي جي ملازم کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ ڪوٽ لعل بخش مهيسر جو رهواسي 48 ورهين جو پبلڪ هيلٿ کاتي جو ملازم ڪشمير مهيسر پنهنجي دوست ڳوٺ ڦلڙي جي رهواسي نادر تونيو سان نيشنل بئنڪ ميروخان مان پگهار وٺڻ لاءِ وڃي رهيو ته ميروخان – سجاول جوڻيجو روڊ تي سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڪٽوهر لاڙي وٽ موٽر سائيڪل تي سوار بروهي برادري جي هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪشمير مھيسر ٿڏي تي مارجي ويو ۽ سندس دوست نادر تونيو سخت زخمي ٿي پيو اهڙي واقعي بعد سجاول جوڻيجو پوليس ۽ وارث واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال ميروخان کڻائي آيا جتان مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته زخمي پرائمري استاد نادر تونيو کي فرسٽ ايڊ ڏئي لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو ان حوالي سان مقتول ڪشمير مهيسر جي سئوٽ صحافي جابر مهيسر ٻڌايو ته مقتول ڪشمير مهيسر جو ننڍو ڀاءُ قربان مهيسر هڪ سال اڳ بروهي برادري جي عورت حميده زال امام الدين بروهي کي کڻي ويو هو، جيڪا بعد ۾ راڄوڻي ذريعي وارثن کي واپس ڪئي وئي ۽ بروهي برادري ڏانهن فيصلي لاءِ ميڙون به ڪيون هيون ۽ فيصلو ڪرڻ لاءِ راضپو به ڏيکاريو هو پر ان باوجود اڄ ڇهن ٻارن جي پيءُ سئوٽ ڪشمير مهيسر کي قتل ڪيو ويو آهي. ٻي طرف سجاول جوڻيجو پوليس بروقت ڪوٽ لعل مهيسر ويجهو ويٺل بروهي برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي پر جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ پوليس جوابدارن جي گهرن مان چوپايو مال ۽ ٻيو سامان کڻي آئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button