سنڌ

جونگل ويجهو بنگلاڻي برادري جي چڱي مڙس جون 15 مينهون چوري

جونگل بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ فضل الاهي بنگلاڻي ۾ رات 5 چور بنگلاڻي برادري جي چڱي مڙس فضل الاهي خان بنگلاڻي جي ڪوٽ ۾ گهڙي واڙي ۾ بيٺل 15 مينهون ڪاهي ويا. صبح جو سجاڳي بعد مينهون واڙي ۾ نه هجڻ تي سوين ڳوٺاڻن جو قافلو ۽ پوليس ساڻ ڪري مينهن جا پيرا کنيا ويا ته ناپر ٿاڻي جي حد ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ پيرا گم ٿي ويا. ڳوٺاڻن سميت پوليس ڪچي ۾ داخل ٿي ته اتان جي ڏوهارين هوائي فائرنگ ڪري پوليس پوئتي رهڻ جو چيو ويو. بي سيڪشن پوليس کي ڳڙهي تيغو پڪٽ تي ترسائي. ڳوٺاڻا چوري جي راڄوڻي طريقي سان واپسي لا روانا ٿي ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته چوري ٿيل مينهون تمام جلد راڄوڻي ذريعي واپس ٿي وينديون. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او بي سيڪشن غلام نبي بجاراڻي ٻڌايو ته واقعي جو ڪو ڪيس داخل ناهي ٿيو، چوري ٿيل مينهون جلد واپس ڪرايون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button