اسلام آبادپاڪستان

مني بجيٽ بل سينيٽ ۾ پيش،اپوزيشن جو احتجاج،2 ڀيرا واڪ آئوٽ

اسلام آباد:وفاقي حڪومت مني بجيٽ بل 2021 سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي اپوزيشن طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو. جڏهن ته بل جون ڪاپيون لاڳاپيل ڪميٽي کي موڪليون ويون. ڪالهه ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين مني بجيٽ بل 2021 ايوان ۾ پيش ڪيو ته سينيٽ چيئرمين بل جون ڪاپيون لاڳاپيل ڪميٽي کي موڪليندي ٽن ڏينهن ۾ راءِ طلب ڪري ورتي. ان دوران سينيٽر رضا رباني، شيري رحمان ۽ ٻين اپوزيشن ميمبرن ڳالهائيندي چيو ته اهو بل آءِ ايم ايف جي چوڻ تي پيش ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ کي گروي رکيو پيو وڃي، ايوان ۽ قوم کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. ايوان عورتن کي ڪم واري هنڌ هراسان ٿيڻ کان تحفظ جو ترميمي بل 2021 گڏيل طور منظور ڪري ورتو. قائد ايوان شهزاد وسيم ن ليگ نائب صدر مريم نواز جي ميڊيا بابت مبينا آڊيو ليڪ جو معاملو اٿاريو. ن ليگ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته جن ماڻهن اها آڊيو توهان کي فراهم ڪئي آهي، انهن وٽ توهان جون ويڊيوز به موجود آهن. ريڪوڊڪ معاملي تي حڪومت طرفان بريفنگ نه ڏيڻ تي اپوزيشن ايوان مان ٻه ڀيرا واڪ آئوٽ ڪيو ويو. جڏهن ته 3 ڀيرا ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ ڪورم پورو نه هجڻ تي اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button