اسلام آبادپاڪستان

فنڊنگ بابت رپورٽ نوازليگ دور جي آهي،پائي پائي جو حساب ڏنو:فواد چوڌري

اسلام آباد:سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو ٻيهر ڪامياب ٿي، پائي پائي جو حساب ڏنو ويو آهي. ڪميٽي جي رپورٽ نوازليگ دور جي آهي. اليڪشن ڪميشن کي گذارش آهي ته ٽنهي وڏين پارٽين جي فنڊنگ رپورٽ عوام اڳيان آندي وڃي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي جي فائنڊنگ ۾ اها ڳالهه ظاهر ٿي وئي ته تحريڪ انصاف جي فنڊنگ شفاف آهي، تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو ٻيهر ڪامياب ٿي، طئي ٿي ويو ته فارن فنڊنگ جو ڪو معاملو ناهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته اسان چاهيون ٿا سڀني جماعتن جي فنڊنگ کي سامهون آندو وڃي. نواز شريف ن ليگ جو اڪائونٽ مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو. ن ليگ جي اڪائونٽ ۾ 8 ڪروڙ رپيا وجهرائي ڪڍرايا ويا. چاهيون ٿا ته اليڪشن ڪميشن پ پ ۽ ن ليگ جي اڪائونٽن جي به اسڪروٽني ڪري. هن چيو ته ٻين جماعتن ۾ فنڊنگ وڏيرن ۽ ڪاروباري ماڻهن سان هلندي آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيندڙ رپورٽ پي ٽي آءِ حڪومت کان اڳ جي آهي. ان موقعي تي فرخ حبيب چيو ته ماهرن موجب ن ليگ جا 9 اڪائونٽ اهڙا آهن، جيڪي اليڪشن ڪميشن کي نه ٻڌايا ويا، انهن ۾ ڪروڙين رپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آهي. پ پ 2013 ۾ 9 اڪائونٽ، 2014 ۾ 11 ۽ 2015 ۾ 10 اڪائونٽ لڪايا. سندس چوڻ هو ته پ پ وٽ 34 ڪروڙن جي عطين جو ڪو رڪارڊ ناهي. قانون موجب ڪا سياسي جماعت ڪنهن ٻي جماعت کي فنڊ نٿي ڏئي سگهي پر پ پ، پ پ پارليامينٽيرينز ۽ پارليامينٽيرينز، پ پ جا خرچ کنيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button