عالمي

طالبان پاران دڪانن تي رکيل مجسمن جون منڍيون لاهڻ جو حڪم

هرات :امارت اسلاميا افغانستان ۾ ڪپڙن جي دڪاندارن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته لباس وڪرو ڪرڻ لاءِ رکيل ڊميز جون منڍيون لاٿيون وڃن. پرڏيهي خابرو اداري موجب نيڪي، تبليغ ۽ برائي جي روڪٿام بابت وزارت طرفان هڪ حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي جنهن تحت دڪانن ۾ رکيل ڊميز کي اسلامي قانون جي خلاف قرار ڏنو ويو آهي. وزارت جي مقامي سربراهه عزيز رحمان جو چوڻ هو ته اهو اسلامي قانونن جي خلاف آهي ان ڪري مجسمن جون منڍيون لاٿيون وڃن. افغانستان جي اولهه واري صوبي هرات ۾ ان حڪم تي عمل به شروع ٿي ويو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيوز ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته طالبان اهلڪار دڪانن ۾ رکيل ڊميز جون منڍيون لاهي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button