اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف 53 بئنڪ اڪائونٽس لڪائي ڇڏيا:جاچ ڪميٽي

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان جي پنهنجي حڪمران جماعت پي ٽي آئي 65 بئنڪ اڪائونٽس مان اليڪشن ڪميشن ۾ 12 بئنڪ اڪائونٽس ظاهر ڪيا ۽ 53 پارٽِي بئنڪ اڪائونٽس لڪائي ڇڏيا. ڪالهه پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف اسڪرونٽي ڪميٽي جي رپورٽ ۾ وڏا انڪشاف سامهون اچي ويا آهن. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل اسڪرونٽي ڪميٽي جي رپورٽ موجب تحريڪ انصاف عطين جي حوالي سان غلط معلومات ڏني آهي. ان سان گڏوگڏ پرڏيهي فنڊنگ جا ڪي به ذريعا نه ٻڌايا آهن، جنهن ڪري اسڪروٽني ڪميٽي تبصرو ڪرڻ کان لاچار آهي. رپورٽ موجب پي ٽي آءِ اڪائونٽ اسٽيٽمينٽ ۾ شامل ڪيش رسيدون بئنڪ اسٽيٽمينٽ سان هڪجهڙائي نه ٿيون رکن. رپورٽ موجب اسٽيٽ بئنڪ جي بئنڪ اسٽيٽمينٽ مان ظاهر آهي ته پي ٽي آءِ کي هڪ ارب 64 ڪروڙ رپين جا عطيا وصول ٿيا. پي ٽي آءِ 31 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم اليڪشن ڪميشن ۾ ظاهر نه ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽن بئنڪن 2008 کان 2012 تائين جي اڪائونٽن جا تفصيل اثاثن ۾ ظاهر نه ڪيا، 5 سالن ۾ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ فرمز آڊٽ رپورٽن جو هڪ ئي ٽيڪسٽ جاري ڪيو. چارٽرڊ اڪائونٽنٽ فرم پنهنجي آڊٽ رپورٽ ۾ ڪا تاريخ داخل نه ڪئي. تاريخ جو داخل نه ٿيڻ اڪائونٽنگ معيار جي خلاف آهي. رپورٽ مطابق اسٽيٽ بئنڪ جي رڪارڊ ۾ انڪشاف ٿيو ته پي ٽي آئي جا 65 بئنڪ اڪائونٽس آهن، پي ٽي آئي اليڪشن ڪميشن ۾ 12 بئنڪ اڪائونٽس ظاهر ڪيا ۽ 53 پارٽي بئنڪ اڪائونٽس لڪايا ۽ سال 2008-9 ۽ 2012-13 ۾ پي ٽي آئي اليڪشن ڪميشن آڏو هڪ ارب 33 ڪروڙ رپيا عطيو ظاهر ڪيو. پي ٽي آئي کي هڪ ارب 64 ڪروڙ رپين جو عطيو مليو. تحريڪ انصاف 31 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم اليڪشن ڪميشن ۾ ظاهر ناهي ڪئي. پي ٽي آئي اسڪروٽني ڪميٽي رپورٽ جا نقطا منظر تي اچي ويا، جنهن مطابق سال 2012-13 جي آڊٽ رپورٽ تي ڪائي تاريخ درج نه آهي. آڊٽ فرم جون فراهم ڪيل ڪيش رسيدون بئنڪ اڪائونٽس سان هڪجهڙائي نٿيون رکن. آڊٽ رپورٽ منطوري لاءِ پي ٽي آئي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ پيش ڪئي وئي هئي. آڊٽ رپورٽ تي تاريخ نه هجڻ اڪائونٽنگ معيار جي خلاف آهي. اڻ ظاهر ٿيل اڪائونٽس ۽ فندز بابت اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي. رپورٽ موجب 2008 کان 2013 تائين پي ٽي آئي هڪ ارب 33 ڪروڙ 22 لک جا فنڊ ظاهر ڪيا. اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ موجب پي ٽي آئي 2008 کان 2013 تائين پي ٽي آئي جي اڪائونٽس ۾ هڪ ارب 64 ڪروڙ 26 لک کان وڌيڪ فنڊ آيا. پي ٽي آئي 53 بئنڪ اڪائونٽس اليڪشن ڪميشن کان لڪايا، پي ٽي آئي 77 بئنڪ اڪائونٽس مان 12 اڪائونٽس ظاهر ڪيا آهن. پي ٽي آئي نيوزيلينڊ ۽ ڪينيڊا جي اڪائونٽس جي پهچ ناهي ڏني. رپورٽ موجب ايڇ بي ايل، بئنڪ اسلامي، ايم سي بي، بئنڪ آف خيبر، يو بي ايل ۽ بئنڪ آف پنجاب جا اڪائونٽ ظاهر ناهن ڪيا. تحريڪ انصاف جي ٻاهرين ملڪ مان فنڊز جو تفصيل رپورٽ ۾ شامل آهي. اسٽيٽ بئنڪ پاران پي ٽي آئي جي بئنڪ اڪائونٽس جو تفصيل رپورٽ جو حصو آهي. آمريڪي اداري فارايل ايل سي جي پي ٽي آئي اڪائونٽس مطابق تفصيل به رپورٽ جو حصو آهي. پاڪستان ۾ ڊالر آپريٽيڊ اڪائونٽس جو تفصيل به رپورٽ ۾ شامل آهي. رپورٽ ۾ روڪيل فنڊنگ بابت ڀارتي فرانسيسي، ۽ آسٽريليوي قانونن جو به حوالو ڏنو ويو آهي. تحريڪ انصاف جي 2008 کان 2013 جي آڊٽ جو تفصيل به رپورٽ جو حصو آهي. اسڪروٽني ڪميٽي بئنڪ اڪائونٽس تي پنهنجو تجزيو به رپورٽ جو حصو بڻايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button