پاڪستانسنڌ

صحافي چيتن راماڻي جي 16 ورهين، زبردست ڀيٽا پيش

سامارو: حيدرآباد جي سينيئر صحافي اشوڪ راماڻي جي ننڍي ڀا حيدرآباد جي ڀلوڙ صحافي سرڳواسي چيتن راماڻي جي 16 ھين ورسي سامارو شھر جي پير ڪالوني ۾ راماڻي ھائوس تي ملھائي وئي، ورسي تقريب ۾ وارثن، مٽن مائٽن، سياسي سماجي ڌرين، ۽ صحافين خان محمد خاصخيلي، ڏاتر بخش سينھڙو، تلڇو مل چيلاڻي، رامچند شينگلاڻي، مڪيش راماڻي، يونس چانڊيو، مدن لال ميگھواڙ، لوڻل پريمي ۽ ٻين صحافي چيتن راماڻي جي تصوير آڏو ميڻ بتيون ٻاري لفظن جون ڀيٽائون پيش ڪندي چيو ته سرڳواسي صحافي چيتن راماڻي وڇڙيو آھي پر وسريو ناھي. چيتن مسڪين، مظلوم ماڻھن جو ۽ عوامي مسئلن جو آواز اعلى ايوانن تائين پھچائي صحافتي کيتر ۾ مڃتا ماڻي. صحافتي کيتر ۾ سندس ڪيل خدمتون ڪڏھن به وساري نٿيون سگھجن. ٻئي طرف وارثن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ٻين چيتن راماڻي جي آخري آرامگاهه تي گلن جي چادر پڻ چاڙهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button