اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

نيپرا بجلي اگهن ۾ هڪ رپيو 7 پئسا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد :نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي جي واھپيدارن لاءِ بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو 7 پئسا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آڪٽوبر جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ کانپوءِ بجلي مهانگي ڪئي وئي آهي. واھپيدارن کان اهو اضافو جنوري جي بلن ۾ وصول ڪيو ويندو. بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو نفاذ لائف لائين واھپيدارن تي نه ٿيندو. ياد رهي ته ڪراچي جي واھپيدار سيپٽمبر جي بلن ۾ به 4 رپيا في يونٽ ايڊجسٽمينٽ ادا ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button