اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 2 ماڻهو فوت، 630 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد :ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 2 ماڻهو ڪرونا وائرس وگهي فوت ۽ 630 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پاڪستان ڪرونا مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 38 هين نمبر تي اچي ويو. نيشنل ڪمانڊ ايند آپريشن سينتر جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 630 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڌيڪ 2 ماڻهو هن مرض وگهي فوت ٿي ويا. وڌيڪ 187 مريض صحياب ٿيا آهن. هاڪاري ڪيسن جي شرح 1 ڏهائي 42 سيڪڙو ٿي وئي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 28 هزار 945 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جي علاج هيٺ آهن، مريضن مان 641 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 44 هزار 198 ٽِيسٽون ڪيون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button