سنڌ

چيلهار ويجهو ڪوچ ڌنار کي چيڀاٽي مارڻ بعد ڪلٽي، 4 مسافر زخمي

چيلهار ويجهو مسافر ڪوچ ڌنار کي چيڀاٽي مارڻ بعد ڪلٽي تي کاهي ۾ ڪري پئي، 4 مسافر زخمي ٿي پيا. ڳوٺ جنجهيئر اسٽاپ وٽ حيدرآباد کان ايندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ روڊ ڪناري تان ويندڙ ڳوٺ جنجهيئر جي ڳوٺاڻي ڌنار سوائي ميگهواڙ کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو، جنهن بعد ڪوچ ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 مسافر معمولي زخمي ٿي پيا، جن کي مرهم پٽي بعد فارغ ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڌنار مال ڪاهي گهرن ڏانهن وڃي رهيو هو ته حيدرآباد کان چيلهار ايندڙ مسافر ڪوچ سان واقعو پيش آيو، جنهن ڪري 26 سالن جو ڌنار سوائي ميگهواڙ موقعي تي فوت ٿي ويو، اطلاع بعد چيلهار پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين ۽ ڌنار جي لاش کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو، هوڏانهن ڪوچ جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو ۽ پوليس ڪوچ تحويل ۾ ورتي آھي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button