پاڪستانسنڌ

رتيديري ۾ قبيلائي دهشتگردي، اي ايس آ قتل، ٽن ڏينهن دوران 4 ڄڻا مارجي چڪا

رتوديرو ديرو ۽ ڀرپاسي هلندڙ قبيلائي تڪرارن ۾ ٺاپر نه اچي سگهي، ٽن ڏينهن دوران مختلف برادرين ۾ هلندڙ تڪرار جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا. رتو ديرو ۾ جوڻيجا برادري جي هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري اي ايس آ کي قتل ڪري ڇڏيو. لوڙهي کي ڏنل باهه واري معاملي تان هڪ سال دوران عورت سميت 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن. لوڙھي کي ڏنل باهه جي معاملي تان جوڻيجا برادري ۾ ھڪ سال کان ھلندڙ تڪرار تان ھٿياربندن رتوديرو شھر جي شڪارپور ناڪي وٽ فائرنگ ڪري پوليس جي اي ايس آ برڪت علي جوڻيجو کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس مقتول جي لاش کي تعلقه اسپتال رتوديرو منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول رتيديري ويجهو ڳوٺ پاوڙو جوڻيجو جو رھواسي ھو، برادري تڪرار سبب ھن ڪافي عرصي کان رتيديري جي جوڳي محلي ۾ رھائش اختيار ڪئي ھئي. جڏھن ته پوليس ۾ اي ايس آ طور سندس ڊيوٽي قبوسعيد خان شهر ۾ هئي. مقتول جي گھرواري واڌل خاتون دانهيندي چيو ته منھنجو مڙس اي ايس آ برڪت علي رتيديري ڪورٽ ۾ حاضري تي آيل ھو ته اسان جي برادري جي وزير جوڻيجو، مومن ۽ عابد جوڻيجو ساٿين سان گڏجي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو آھي. ھڪ سال جي عرصي دوران جھيڙيندڙ ڌرين جا عورت سميت 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن. اي ايس آ برڪت جوڻيجو جي قتل بعد ڌرين وچ ۾ تڪرار تيز ٿي ويو، ڳوٺ پاوڙو جوڻيجو ۾ ٻنھي ڌرين ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان فائرنگ جو سلسلو ھلندو رھيو. رتوديرو پوليس جو چوڻ آھي ته ڳوٺ پاوڙو جوڻيجو ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار ھلندڙ آھي، جنھن تان ھي واقعو پيش آيو آھي، وڌيڪ جيئن ئي وارث ڪيس داخل ڪرائيندا ته ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين جلد گرفتار ڪيو ويندو. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ۽ نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي ھئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button