پاڪستانسنڌ

لطيف جي درگاهه تي هزارين پانڌيئڙا پهتا، ڀيڄ ڀٽائي جون صدائون بلند

شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 278 هين عرس مبارڪ جي ٻي ڏينهن به مختلف شهرن مان هزارين پانڌيئڙن مزار تي پهچي دعا گهري،مزار تي حاضري دوران ڀيڄ ڀٽائي جي صدائون بلند ڪيون ويو. جڏهن ته پوليس جي سخت سيڪيورٽي سبب مختلف شهرن مان آيل هزارين پانڌيئڙن کي رهائش توڙي کاڌي پيتي جو سامان نه ملي سگهيو. ٻئي طرف پانڌيئڙن روڊ رستن ۽ پارڪن ۾ رات گذاري. هوڏانهن حڪومتي پابندي باوجود ٽائون انتظاميا ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري ڪيترائي اسٽال ۽ دڪان لڳرائي ڇڏيا. ان حوالي سان پانڌيئڙن جو چوڻ هو ته ڀٽائي سرڪار جي حاضري ڀرڻ لا مختلف شهرن مان پيادل پهتا آهيون، پر هتي رهائش ۽ کاڌي پيتي جون شيون به نه ملي رهيون آهن، جنهن ڪري فٽ پاٿ تي رهون پيا. لاکيڻي لطيف جي عرس مبارڪ جي آخري ڏينهن تي اڄ قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاهه لطيفي پاران هال ڌاڳن جي رسم ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد اجتماعي گهري ويندي. هوڏانهن ثقافت کاتي پاران ايڪسيلنس هال ۾ ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ ثقافت کاتي جو صوبائي وزير سردار شاهه مختلف شخصيتن ۾ شاهه لطيف ايوارڊ تقسيم ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button