عالمي

فضائي گدلاڻ سالياني 70 لک فوتگين جو سبب آهي: ڊبليو ايچ او

صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايچ او) جو چوڻ آهي ته فضائي گدلاڻ سبب سالياني 70 لک ماڻهو فوت ٿي ويندا آهن. برطانوي خابرو اداري مطابق ڊبليو ايچ او فضائي ڪوالٽي جي حوالي سان سخت هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته فضائي گدلاڻ هاڻي انساني صحت لاءِ سڀني کان وڏو ماحولياتي خطرو آهي جنهن سبب سالياني 70 لک ماڻهن جو وقت کان اڳ موت ٿي ويندو آهي.

صحت جي عالمي اداري جي اختيارين چيو ته فضائي گدلاڻ جي خطري کي گهٽائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن 70 لک ماڻهن جي جان بچائي سگهجي.

ڊبليو ايچ او وڌيڪ چيو ته اهي هدايتون جاري ڪرڻ جو مقصد ماڻهن کي فضائي گدلاڻ جي ناڪاري اثرن کان بچائڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button