پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ مڙس ساٿين سان گڏجي زال تي تيزاب اڇلائي ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي ۾ مڙس ساٿين سان گڏجي زال تي تيزاب اڇلايو، هٿ ۽ چيلهه سڙي وئي، ڪراچي جي گلستان جوهر ڪامران چورنگي ڀرسان هڪ عورت تي تيزاب اڇلايو ويو.

ساره نالي عورت کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب تيزاب اڇلائڻ سبب عورت جي هٿن ۽ چيلهه کي نقصان پهتو آهي.

هوڏانهن اسپتال ۾ داخل عورت ساره چيو آهي ته منھنجو مڙس پنھنجي ساٿين سان گڏ مون تي تيزاب اڇلائي فرار ٿي ويو آهي. هن چيو ته مان ان وقت ڪامران چورنگي تي فليٽن ۾ ڪم ڪرڻ وڃي رھي ھيس، جنهن دوران منهنجي مڙس مون تي تيزاب اڇلايو آهي.

هن چيو ته ماڻهن مون تي پاڻي هاريو ۽ مون کي وڌيڪ سڙڻ کان بچايو آهي.

هن چيو ته منهنجو مڙس چاهي ٿو ته مان بدپيشو ڪيان، جنهن جي بنياد تي مون عدالت ۾ خلع لاءِ ڪيس داخل ڪيو آهي. منھنجي مڙس 3 شاديون ڪيون آھن، هو هڪ ڪسٽم آفيسر جو ڊرائيور آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button