عالمي

يمن ۾ بُک جي شرح ۾ تيزيءَ سان اضافو، هڪ ڪروڙ 60 لک شهري غذائي کوٽ جو شڪار

گڏيل قومن چيو آهي ته يمن ۾ بُک جي شرح ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي، هن وقت هڪ ڪروڙ 60 لک شهري غذائي کوٽ جو شڪار آهن، جيڪي ڪل آباديءَ جو اڌ کان وڌيڪ حصو آهن.

اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي خوراڪ بابت پروگرام (ورلڊ فوڊ پروگرام) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊيوڊ بيسلي يمن کي امداد فراهم ڪندڙ وزيرن ۽ ترقيءَ جي حوالي سان ڪم ڪندڙ ادارن جي عملدارن کي ورچوئل خطاب دوران ڪيو.

هن چيو ته يمن ۾ بُک ۽ بدحاليءَ ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي جيڪڏهن عالمي برادري وقت تي امداد فراهم نه ڪئي ته اتي خوراڪ جي شديد کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، جيڪو هڪ وڏو انساني الميي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته يمن ۾ 2014ع کان جنگ واري صورتحال آهي جڏهن ته حوثي مليشيا ڪيترن ئي صوبن تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي. ڊگهي عرصي تائين جاري رهندڙ گهرو ويڙهه سبب يمن ۾ هن وقت تائين 2 لک 30 هزار ماڻهو فوت ۽ 40 لک بيگهر ٿي چڪا آهن. ملڪ ۾ هن وقت 80 سيڪڙو آباديءَ کي امداد جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button